SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


اترادي لهجو


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

اترادي لهجو

(Upper Sindh Dialect)

سنڌي ٻوليءَ جي ’سري‘ (اُتر) واري لهجي کي ’اترادي لهجو‘ چئبو آهي. سنڌ جو اتر وارو پاسو سنڌو نديءَ جي اڀرندي حصي ۾ خيرپور کان اوٻاڙي تعلقي جي آخري حد تائين ۽ سيوهڻ/دادو کان لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد ضلعن جي آخر تائين آهي، جنهن کي ’سرو‘ سڏجي ٿو ۽ اتان جي ٻوليءَ جو لهجو، لسانيات جي ماهرن ’اترادي لهجو‘ يا ’سريلي‘ لهجو سڏيو آهي. هن لهجي ۾ ڪي اچار ۽ گرامر جون خاص ڳالهيون ٻين لهجن کان منفرد آهن. هن لهجي تي سَرس دنگئي زبانن بلوچي ۽ سرائڪي زبانن جو اثر پيل آهي. هن لهجي ۾ معياري لهجي کان جيڪي ڳالهيون مختلف آهن انهن ۾ ضمير متڪلم لاءِ ’مان‘ جو استعمال، لفظ جي فاعلي مفعولي، جري ۽ ٻين حالتن ۾ ساڳيو رهندو آهي. زبر وارَن مونث اسمن کي جمع ڪرڻ وقت ’آن‘ پڇاڙي لڳائي ويندي آهي. جيئن کٽ-کٽان وغيره.


Remember Me Also:

ٽاٽ

ث. موڙَ بت ۾. اوچتو لڱَن ۾ ٿورو سور. سُور جي سوٽ. ٿَڪَ جو ٿورو احساس.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal